Health & Lifestyle

Website

Health & Lifestyle Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Health & Lifestyle, Medical and health, Ghouspur, Ghauspur.

صحت جي باري ۾ ڄاڻڻ لاء اسانجي ھن پيج "صحت منھنجي ماروئڙن جي" کي فالو ڪريو . پنھنجي ۽ پنھنجي پيارن جي زندگي صحت مند، مضبوط ۽ محفوظ بڻايو.
صحت سے متعلق معلومات کیلئے ہمارے پیج کو فالو کریں ۔

بار بار مٿي جي ھڪ پاسي ۾ سور ڇو پوندو آھي؟جيڪڏھن مٿي جي ھڪ حصي ۾ بار بار سور ٿئي ٿو ته ان جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگھن ٿا جن ...
22/09/2026

بار بار مٿي جي ھڪ پاسي ۾ سور ڇو پوندو آھي؟
جيڪڏھن مٿي جي ھڪ حصي ۾ بار بار سور ٿئي ٿو ته ان جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگھن ٿا جن کي سمجھڻ ۽ بروقت علاج ڪرائڻ ضروري آهي.
وڌيڪ معلومات لاء پوسٽ کي پڙهي ٻين سان به ونڊ ڪريو.
اھڙين معلوماتي پوسٽن کي پڙھڻ لاء اسانجي پيج Health & Lifestyle کي لائيڪ ۽ فالو ڪريو

ھڪ چپٽي جيتري ھيڊ... صحت جي وڏي حفاظت
21/09/2026

ھڪ چپٽي جيتري ھيڊ... صحت جي وڏي حفاظت

سور گھٽائڻ جون دوائون ۽ انھن جا خراب اثر...سور گھٽائڻ جون دوائون اسان وٽ بنا ڊاڪٽر جي نسخي عام ميڊيڪل اسٽورن تان کلي عام...
20/09/2026

سور گھٽائڻ جون دوائون ۽ انھن جا خراب اثر...
سور گھٽائڻ جون دوائون اسان وٽ بنا ڊاڪٽر جي نسخي عام ميڊيڪل اسٽورن تان کلي عام وڪرو ٿين ٿيون، پوء ڀلي اھو عام مٿي جو سور ھجي، جسم جو سور ھجي يا چيلھ ڇاتي ۽ پاسي ۾ سور... مطلب ھر ماڻھو کي اھو سولو لڳندو آھي ته ميڊيڪل واري کان دوا وٺي کائڻي آھي.
سور گھٽائڻ واريون دوائون وقتي سڪون ڏين ٿيون پر غير ضروري يا ڊگھي عرصي تائين انھن جو استعمال اوھان جي صحت لاء خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿو.
عام سور گھٽائڻ واريون دوائون جھڙوڪ پيناڊول، بروفن، ڊڪلوران، سنفليڪس، ٽرامال اھڙيون دوائون آھن جيڪي ماڻھو بنا سوچي سمجھي پاڻمرادو يا ميڊيڪل اسٽور وارن کان پڇي کائيندا آھن
ھي دوائون اوھان جي معدي، جگر، بڪين، دل ۽ بلڊپريشر تي ناڪاري اثر وجھن ٿيون.
وڌيڪ معلومات لاء پوسٽ کي پڙهي ٻين سان به ونڊ ڪريو ۽ معلومات ذريعي ٻين جون زندگيون محفوظ بڻايو.

روزانو ھڪ عدد صوف کائوجسم ۾ ھي مثبت تبديليون محسوس ڪريو. روزانو جي ننڍڙي سٺي عادت صحت تي وڏا اثر وجھي ٿي.قدرتي موسم جا م...
19/09/2026

روزانو ھڪ عدد صوف کائو
جسم ۾ ھي مثبت تبديليون محسوس ڪريو. روزانو جي ننڍڙي سٺي عادت صحت تي وڏا اثر وجھي ٿي.
قدرتي موسم جا ميوا ھر ماڻھو کي کائڻ کپن ، ڀلي مقدار جي حساب سان گھڻا نه پر ھڪ به کائي ته به ان جا صحت تي مفيد اثر ملن ٿا.
پوسٽ کي ٻين سان به ونڊ ڪريو.

پيريڪارڊائٽس (دل جي ٻاھرين پردي جي سوڄ)قدرت اسانجي دل کي محفوظ بڻائڻ لاء ٻاھران ھڪ اھڙو، نازڪ پردو رکيو آھي جنھن ۾ ڪجھ م...
19/09/2026

پيريڪارڊائٽس (دل جي ٻاھرين پردي جي سوڄ)
قدرت اسانجي دل کي محفوظ بڻائڻ لاء ٻاھران ھڪ اھڙو، نازڪ پردو رکيو آھي جنھن ۾ ڪجھ مقدار ۾ پاڻياٺ به پيل ھوندو آھي جنھن سان دل کي ڌڙڪڻ ۾ ۽ پاسيرين سان رڳڙجڻ کان بچاء ٿيندو آھي. پر ڪجھ حالتن ۾ ان نازڪ پردي جي سوڄ ٿي وڃي ٿي جنھن کي "پيريڪارڊائٽس" چئبو آھي.
اھا سوڄ ڪيترائي مسئلا پيدا ڪري سگھي ٿي اچو ته ان بابت وڌيڪ ڄاڻون..
پوسٽ پسند اچي ته ٻين سان به لازمي ونڊ ڪريو.

اھي ڪھڙا اپاءُ آھن جن سان بڪين (گُردن) جي پٿري جو خطرو گھٽ ڪري سگھجي ٿو؟؟پنھنجي کائڻ پيئڻ ۽ رھڻي ڪھڻي ۾ تبديلي سان اوھان...
18/09/2026

اھي ڪھڙا اپاءُ آھن جن سان بڪين (گُردن) جي پٿري جو خطرو گھٽ ڪري سگھجي ٿو؟؟
پنھنجي کائڻ پيئڻ ۽ رھڻي ڪھڻي ۾ تبديلي سان اوھان بڪين ۾ پٿري ٺھڻ کان پاڻ کي بچائي سگھو ٿا. ياد رکو ته جيڪڏھن اوھان کي پھريان بڪين ۾ پٿري ٿي چڪي آھي ته ٻيھر به ٺھڻ جو وڌي وڃي ٿو. اھڙي صورتحال ۾ صرف احتياط ڪافي ناھي ھوندي پر بڪين جي ماھر ڊاڪٽر يا يورولاجسٽ سان مشورو ڪرڻ ۽ ٽيسٽون ڪرائڻ گھرجن ته جيئن پٿري بار بار نه ٺھي ۽ بڪين جي خرابي کان به بچي سگھجي.
وڌيڪ معلومات لاء پوسٽ کي پڙهي ٻين سان به ونڊ ڪريو. اھڙين معلوماتي پوسٽن کي پڙھڻ لاء اسانجي پيج Health & Lifestyle کي لائيڪ ۽ فالو ڪريو

دماغ کي فريش (ترو تازه) ڪيئن ڪجي؟پرسڪون دماغ خوشحال ۽ صحت مند زندگي، بھتر سوچ ۽ بھتر فيصلا ڪرڻ سان گڏ صحت مند زندگي جي ض...
18/09/2026

دماغ کي فريش (ترو تازه) ڪيئن ڪجي؟
پرسڪون دماغ خوشحال ۽ صحت مند زندگي، بھتر سوچ ۽ بھتر فيصلا ڪرڻ سان گڏ صحت مند زندگي جي ضمانت ھوندو آھي.
پوسٽ پسند اچي ته ٻين سان به ونڊ ڪريو.

17/09/2026

ٻارن جي قوت مدافعت (بيمارين سان وڙھڻ جي سگھ) وڌائڻ جا بھترين طريقا..

پاخاني ۾ رت اچڻپاخاني ۾ رت اچڻ ھڪ اھم طبي علامت آھي، اھا معمولي ڪارڻ سبب به ٿي سگھي ٿي ته ڪنھن سنجيده بيماري ڏانھن اشارو...
17/09/2026

پاخاني ۾ رت اچڻ
پاخاني ۾ رت اچڻ ھڪ اھم طبي علامت آھي، اھا معمولي ڪارڻ سبب به ٿي سگھي ٿي ته ڪنھن سنجيده بيماري ڏانھن اشارو به ٿي سگھي ٿي.
ممڪن ڪارڻ:
بواسير / موڪا
پاخاني جي جاء تي چير اچڻ (اينل فشر)
قبض
آنڊن جو انفيڪشن
پوليس (آنڊن جو ڪينسر) ۽ آنڊن جي سوڄ يا السر
وڌيڪ معلومات لاء پوسٽ کي پڙهي ٻين سان به ونڊ ڪريو.
اھڙيون معلوماتي پوسٽون پڙھڻ لاء اسانجي پيج Health & Lifestyle کي لائيڪ ۽ فالو ڪريو.

اڇا تِر ....... ھڏن، دل ۽ چمڙي لاء قدرتي خزانو جيڪڏھن اوھان به پنھنجي ھڏن ، دل ۽ چمڙي کي صحت مند رکڻ چاھيو ٿا ته پنھنجي ...
16/09/2026

اڇا تِر ....... ھڏن، دل ۽ چمڙي لاء قدرتي خزانو
جيڪڏھن اوھان به پنھنجي ھڏن ، دل ۽ چمڙي کي صحت مند رکڻ چاھيو ٿا ته پنھنجي روزمره جي غذا ۾ ترن جو استعمال ڪريو.
تر ڪيلشيم ، صحت بخش سڻڀ، معدنيات ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس سان ڀرپور ھوندا آھن.

Address

Ghouspur
Ghauspur

Opening Hours

Monday 09:00 - 21:00
Tuesday 09:00 - 21:00
Wednesday 09:00 - 21:00
Thursday 09:00 - 21:00
Friday 09:00 - 21:00
Saturday 09:00 - 21:00

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Health & Lifestyle posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share