26/06/2026
ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِيا، راوَتَ ڪِينَ رَھَنِّ؛
سائُنِ سِرَ فِدا ڪَيا، اَڳِيان اِمامَنِّ؛
”يُجَاھِدُونَ فِى سَبِيۡل اللّهِ“، ڪَمُّ اِهو ئِي ڪَنِّ؛
حُورُون ھارَ ٻڌَنِّ، سِھرا شَھِيدَنِ کي.
خيال :
جنگ جا شايق، سورھ ۽ پھلوان، جنگ ۾ سر جي بازي لڳائڻ کان نہ ٿا رھن. پھلوانن، امامن اڳيان پنھنجا سر قربان ڪيا. ”الله جي واٽ ۾ وڙھن ٿا. “ ھو اهو ئي ڪم ٿا ڪن. جنت جون حورون، شھيدن کي ھار ٿيون وجهن ۽ موڙ ٿيون ٻڌن.
سُر ڪيڏارو،
#سلام مولا حسين عليه السلام