20/04/2026
PUBLIC AWARENESS MESSAGE
ٻار جي ڄم لاءِ غير ضروري آپريشن (C-Section) ۽ ان جا سبب
اڄڪلهه ڪيترن هنڌن تي نارمل ڊليوري بدران بنا ضروري سبب جي آپريشن (Cesarean Section) وڌي رهيو آهي، جيڪو ماءُ ۽ ٻار ٻنهي لاءِ غير ضروري خطرا پيدا ڪري سگهي ٿو.
❖ غير ضروري آپريشن ڇا آهي؟
جڏهن طبي ضرورت کانسواءِ صرف سهولت، خوف، يا ٻين غير سائنسي سببن جي ڪري C-Section ڪيو وڃي، ته ان کي غير ضروري آپريشن چيو وڃي ٿو.
❖ غير ضروري آپريشن جا اهم سبب
1. ڊاڪٽر ۽ اسپتال سان لاڳاپيل سبب
وقت بچائڻ يا آسان شيڊيولنگ
ميڊيڪو ليگل خوف (case complications کان بچڻ)
مالي فائدو (private setups ۾ وڌيڪ فيس)
2. ماءُ سان لاڳاپيل سبب
نارمل ڊليوري جو خوف (labor pain)
غلط معلومات يا سماجي اثر
پهرين آپريشن ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر آپريشن ڪرائڻ جو رجحان
3. سماجي ۽ ثقافتي سبب
“آپريشن وڌيڪ محفوظ آهي” وارو غلط تصور
خاندان جو دٻاءُ
مخصوص تاريخ يا وقت چونڊڻ جي خواهش
4. غير ضروري طبي تشخيص
Fetal distress جي غلط تشخيص
Progress of labor کي صحيح طرح assess نه ڪرڻ
Ultrasound جي رپورٽ تي حد کان
وڌيڪ ڀروسو
❖ غير ضروري آپريشن جا نقصان
● ماءُ لاءِ:
وڌيڪ رت وهڻ (Hemorrhage)
انفيڪشن
anesthesia جا خطرا
مستقبل ۾ حمل لاءِ پيچيدگيون (uterine rupture، placenta previa)
● ٻار لاءِ:
ساهه کڻڻ ۾ تڪليف (Respiratory distress)
NICU ۾ داخلا جو وڌيل امڪان
Breastfeeding ۾ دير
❖ ڪڏهن آپريشن ضروري هوندو؟
آپريشن تڏهن ضروري آهي جڏهن:
Placenta previa
Obstructed labor
Severe fetal distress
Previous complicated C-section
Breech presentation (selected cases)
❖ اهم پيغام
هر حمل ۾ آپريشن ضروري ناهي
نارمل ڊليوري فطري ۽ گهڻو محفوظ طريقو آهي
فيصلو هميشه تجربيڪار ڊاڪٽر جي صلاح سان ٿيڻ گهرجي
نوٽ:
ڪجهہ مريض ۽ رشتيدار خاص ڪري ٻهراڙيء جا جڏهن آپريشن جي ضرورت هوندي آهي تڏهن بہ ڊاڪٽرن جي ڳالهہ نہ مڃي ويندي آهي ۽ نارمل ڊليوري ڪرائڻ تي زور ڀريو ويندو آهي.
ان جي ڪري ٻار ۽ ماء جي جان کي خطرو ٿيو وڃي.
جتي آپريشن ضروري هجي اتي ڪرايو وڃي
ڊاڪٽر خادم حسين سميجو
اسٽنٽ پروفيسر
گيسٽرواينٽرولوجسٽ
لمس ٺٽو