04/06/2026
بتاريخ 04 جون 2026
ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو جو اھم اجلاس ٿي گذريو. جنھن ۾ ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو جا اڳواڻ: چئرمين قاسم جسڪاڻي, صدر زبيراحمد منگي, جنرل سيڪريٽري عبدالشڪور ڇٽو, نائب صدور; عرفان علي ڪنڀر ۽ ڪامريڊ ھري چند, ڊپٽي جنرل سيڪريٽري محمد امين وڳڻ, ترجمان بلاول قريشي, خزانچي محمد يامين وڳڻ, نائب خزانچي محمد معظن ڪلھوڙو, ايگزيڪوٽو ڪميٽي; ميڊم شھزادي اعواڻ, آصف علي نوناري ۽ رابيل علي ابڙو شريڪ ٿيا.
جنھن ۾ اھم نقطن تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي.
١) نرسز جا پروموشن وقت سر ڪرائڻ تنظيم جي اولين ترجيھ آھي جنھن تي صوبائي ڪابينا کي ڪم تيز ڪرڻ گھرجي.
٢) بينظير ڪاليج آف نرسنگ جي شاگرد ونگ پاران جائز مطالبي پيڊ انٽرنشپ لأ احتجاج ۽ بائيڪاٽ ڪيو. جنھن تي پرنسيپال صاحب شاگردن سان ظلم ڪري انھن کي سسپنڊ ڪيو. ينگ نرسز ايسوسيشن مطالبو ڪيو تـ شاگردن کي جلد بحال ڪيو وڃي. انھن جو مطالبو پورو ڪرڻ بجأ انھن جي مستقبل سان کيڏڻ افسوسناڪ عمل آھي.
٣) ايندڙ بجيٽ ۾ ملازمن جون پگھارون 100% وڌڻ گھرجن. مھانگائي جي شرح کي ڏسندي ڊسپرٽي الائونس پڻ ڏنو وڃي.
۴) سنڌ جي نرسز کي ڪي پي ڪي جي نرسز جھڙو سروس اسٽرڪچر ڏنو وڃي. نوان ڪيڊر متارف ڪرائڻ جي ضرورت آھي.
۵) نرسنگ ڪاليجز ۾ انفرااسٽرڪچر جي کوٽ ۽ تعليمي عمل درست ناھي. شاگردن کي سوين مسئلا درپيش آھن. جنھن بابت ڊائريڪٽر نرسنگ کي لکيو ويو آھي.
جيڪي ڪم صوبائي ڪابينا جا آھن ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو صوبائي ڪابينا کي خط لکي مسئلن کان آگاھ ڪندي.
٦) جلد جامع پلان ٺاھي لاڙڪاڻو ڊويزن جي سمورن نرسز سان ملاقاتون ڪري مسئلا نوٽ ڪيا ويندا ۽ انھن جي حل لأ ڪم ڪيو ويندو.
اجلاس جي اختتام ۾ عيد غدير جي مناست سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو
۽
رابيل احمد ابڙو جي جنم ڏينھن جو ڪيڪ ڪٽي ۽ سالگرھ جون واڌايون ڏنيون.
ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو جو عزم آھي نرسز جي عزت, وقار ,فلاھ ۽ ڀلائي لأ جستجو ڪرڻ.
بلاول قريشي
ترجمان
ينگ نرسز ايسوسيشن