8 A Time News

Directions

8 A Time News ايٽ اي ٽائيم نيوز تيز ترين سروس سان هميشہ رهو باخبر Seasonal equipment

16/10/2026

صالح پٽ: بارگاھ روڊ تي هٿيارن جي زور تي 3 لک 46 هزار رپين جي ڦر،

صالح پٽ ويجهو بارگاھ روڊ تي موٽرسائيڪل سوار ٻن اڻڄاتل هٿياربندن ٻن ڄڻن کان 3 لک 46 هزار رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

تفصيل موجب متاثرن بوجو اوڏ ۽ هريش ٿاڻي تي پهچي ٻڌايو ته هو بينڪ الفلاح مان رقم ڪڍرائي واپس وڃي رهيا هئا ته 125 موٽرسائيڪل تي سوار ٻن اڻڄاتل ماڻهن سندن پيڇو ڪيو.

متاثرن موجب تاج پيٽرول پمپ کان اڳتي ڳوٺ بارگاھ واري روڊ تي جوابدارن هٿيارن جي زور تي کين روڪي 3 لک 46 هزار رپيا ڦر ڪيا ۽ واردات بعد فرار ٿي ويا.

متاثرن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي وڃي.

12/10/2026

بدين : چار ڏينھن اڳ قتل ٿي ويل شاھ ڪوٽ واسي عبدالطيف خاصخيلي جا وارث سندس قاتلن جي گرفتاري ۽ سي آء اي پوليس انچارج علڻ خان عباسي خلاف ايوان صحافت بدين اڳيان سراپا احتجاج بڻيل.

11/10/2026

اهم خبر،
وفاقي ڪابينا پاران سڄي خيبرپختونخواه ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو ، ۽ ايمرجنسي رڳو 12 ضلعن ۾ لاڳو هوندي : ذريعا

10/10/2026

صالح پٽ : پورهيت نظير نصيراڻي پاران نينگري جي مبينا اغوا خلاف احتجاج ،
پورهيت نظير نصيراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 3 سال اڳ منهنجي نياڻي مسڪان کي بشير نصيراڻي اغوا ڪري مبينا زيادتي جو نشانو بڻايو، جڏهن منهنجي نياڻي جي طبيعت خراب ٿي پئي ته کيس مون وٽ ڇڏي ويا، ان وقت نياڻي جي عمر 14 سال هئي، هينئر ڪجھ ڏينھن پهريان منهنجي ان ئي نياڻي مسڪان کي کپرو واسي شمشاد سولنگي ڪراچي مان مبينا طور اغوا ڪري نڪاح ڪري ڇڏيو، جنهن منهنجي نياڻي جي ذات مٽائي خاصخيلي ٻڌائي پيو، هن وقت به منهنجي نياڻي جي عمر 17 سال آهي،
نظير احمد نصيراڻي جو چوڻ آهي ته 18 سالن کان گهٽ آهي،
تنهن ڪري چائلڊ ايڪٽ تحت اغوا ڪندڙ شمشاد سولنگي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

ٽنڊو الهيار :روبينه سولنگي جي نالي سان فيس بڪ آئي ڊي هلائيندڙ ٽنڊوالهيار جو علي رضا نڪتو .اين سي سي آء هٿان گرفتار.
08/10/2026

ٽنڊو الهيار :
روبينه سولنگي جي نالي سان فيس بڪ آئي ڊي هلائيندڙ ٽنڊوالهيار جو علي رضا نڪتو .
اين سي سي آء هٿان گرفتار.

07/10/2026

ڪشمور : شاهي واھ لڳ ڪاشف ڪلوڙ جي دڪان تي اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ / 2 ڄڻن جي مارجي وڃڻ ٿيڻ جا اطلاع.

خيرپور ميرس رياست جو آخري والي مير علي مراد ٽالپر (  هزهائينيس  )  لاڏاڻو ڪري ويو.
05/10/2026

خيرپور ميرس رياست جو آخري والي مير علي مراد ٽالپر ( هزهائينيس ) لاڏاڻو ڪري ويو.

05/10/2026

ڇهاسي : وڻن جي واڍي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج.
رپورٽ : مير اسامہ شنباڻي.

نوشهروفيروز : ٽرالر ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ نينگري ۽ عورت سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا ، ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو.
04/10/2026

نوشهروفيروز : ٽرالر ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ نينگري ۽ عورت سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا ، ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو.

پنجاب جي شهر اٽڪ ۾ ٻن سپاهين پاران ايس پي سان مبينا بدفعلي /  جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو.
28/09/2026

پنجاب جي شهر اٽڪ ۾ ٻن سپاهين پاران ايس پي سان مبينا بدفعلي / جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو.

Address

Street No 4
Saleh Pat
65150

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when 8 A Time News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share