27/08/2026
السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاته،
منهنجي تمام عزت وارن، پيارن ۽ محترم دوستن، بزرگن ۽ ڀائرن کي دل جي گهراين سان سلام ۽ دعائون. 🌹
ڪافي عرصي کان هن پيج تي اوهان سان باقاعده رابطو نه رکي سگهڻ ۽ پوسٽون نه ڪرڻ تي دل سان معذرت خواه آهيان. مصروفيتن ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ مريضن جي خدمت سبب سوشل ميڊيا تي اوترو وقت نه ڏئي سگهيس، جيترو اوهان جو حق هو.
اوهان سڀني جي محبت، اعتماد ۽ عزت هميشه منهنجي لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي. مان توھان سڀني عزت وارن مريضن جو ٿورائتو آهيان، جيڪي سالن کان مون تي اعتماد ڪندا رهيا آهيو. ❤️
اوهان کي اهو به ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مان پنھنجي" ڳوٺ مير محمد شر، هيڪل شريف" ۾ مريضن کي باقاعدگي سان ڏسندو ۽ خدمت ڪندو رهندو آهيان. ٺري ميرواهه شهر ۾ منهنجي دواخاني تي منهنجي اچ وڃ ڪڏهن ڪڏهن/ گھٽ ٿيندي آهي، تنهنڪري اتي اچڻ کان اڳ مهرباني ڪري رابطو ڪري موجودگي بابت پڪ ڪري وٺجو.
اڳتي ڪوشش ڪندس ته هن پيج ذريعي به اوهان سان وڌيڪ رابطو رکجي، صحت بابت مفيد معلومات، عام احتياطي تدبيرون ۽ پنهنجي خدمتن بابت وقت بوقت آگاهه ڪندو رهان.
اوهان جي محبت، دعائن ۽ اعتماد لاءِ دل جي گهراين سان شڪريو.
الله پاڪ اوهان سڀني کي صحت، سلامتي، خوشحالي ۽ ڊگهي عمر عطا فرمائي. آمين. 🤲
پنهنجو خيال رکو، صحتمند رهو ۽ دعائن ۾ ياد رکو. 🌹
رابطي لاءِ:
0300-3151776