Dr Shoukat Gul Rind

Dr Shoukat Gul Rind Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Dr Shoukat Gul Rind, Medical and health, Alghaffar medical center Near Khosa Masjid Langho Road Ubauro, Ubauro.

Well Qualified, experienced and best Physician in ubauro with more than 10 years of experience
qualification:MBBS RMP MCPS (family medicine)
with additional certificates in Diabetes,Rheumatology and Male Gender Health

Back in office
21/07/2026

Back in office

17/07/2026

Adv Zeeshan Gul Rind
Was that you?

13/07/2026
09/07/2026

اھڙا مريض ڪٿي ملندا

Getting my check upMy little doctorAnd her serious look 🤣Chachu ki jaan
08/07/2026

Getting my check up
My little doctor
And her serious look 🤣
Chachu ki jaan

06/07/2026

لڳي ٿو منھنجي پوسٽ جو الٽو اثر ٿيو آھي
ھڪ مريض جنھن کي آئي وي فلڊز(ڊرپ) جي ضرورت ھئي ڊرپ لڳرائڻ کان انڪار ڪيائين😀
ائين تہ نہ ڪيو نہ يار 😂

اونهارو... ۽ عطائين جي ڪمائيءَ جي موسم!گرمي شروع ٿيندي ئي ڪجهه هنڌن تي هڪ ئي علاج نظر ايندو آهي..."ڊرپ لڳايو!"ٿڪاوٽ؟ ڊرپ...
06/07/2026

اونهارو... ۽ عطائين جي ڪمائيءَ جي موسم!

گرمي شروع ٿيندي ئي ڪجهه هنڌن تي هڪ ئي علاج نظر ايندو آهي...

"ڊرپ لڳايو!"

ٿڪاوٽ؟ ڊرپ.
بخار؟ ڊرپ.
جسم ۾ سور؟ ڊرپ.
ڪمزوري؟ ڊرپ.

هڪ سيلاين يا ڊي ڊبليو جي بوتل، ان ۾ سستو بي ڪمپليڪس وٽامن، ۽ بل 800 کان 1000 رپيا. باقي مريض کي ان جي ضرورت به هئي يا نه، اهو سوال شايد ئي ڪو پڇي.

اڄ منهنجي او پي ڊي ۾ هڪ وچولي عمر جو مريض آيو. کيس سخت ساهه ۾ تڪليف هئي، ٻنهي پيرن ۾ سوج هئي، ۽ ڦڦڙ ٻڌڻ سان ٻنهي پاسن تي crackles صاف ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا. معائني مان واضح لڳي رهيو هو ته مريض Acute Decompensated Heart Failure ۾ آهي، جنهن سبب جسم ۾ پاڻي گڏ ٿي چڪو هو.

وڌيڪ معلومات وٺڻ تي هن ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن کان غيرمعمولي ٿڪاوٽ محسوس ٿي رهي هئي. هو سالن کان هاءِ بلڊ پريشر جو مريض هو. ٿڪاوٽ جي ڪري علاج ڪرائڻ ويو.

مون پڇيو:
"ڇا علاج ٿيو؟"

هن وراڻيو:
"ڊاڪٽر صاحب، ٻه ڊرپ لڳايائون."

شايد جنهن ٿڪاوٽ کي عام ڪمزوري سمجهيو ويو، اها حقيقت ۾ دل جي ڪمزور ٿيڻ جي شروعاتي علامت هئي. اهڙي مريض ۾ بنا ضرورت IV fluids ڏيڻ سان جسم تي وڌيڪ fluid load پئجي سگهي ٿو، جيڪو دل جي ناڪامي کي وڌيڪ بگاڙي سگهي ٿو ۽ ڦڦڙن ۾ پاڻي وڌائي سگهي ٿو.

هر ٿڪاوٽ جو مطلب پاڻي جي کوٽ ناهي.

ٿڪاوٽ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا؛ دل جي بيماري، رت جي گهٽتائي، گردن جا مسئلا، شوگر، ٿائرائيڊ جون بيماريون يا ٻيون ڪيتريون ئي حالتون.

IV Fluids دوا ناهن. اهي به ٻين دوائن وانگر هڪ علاج آهن، جن جا واضح اشارا (indications) ۽ نقصان (risks) آهن.

ڊرپ تڏهن ڏني ويندي آهي جڏهن واقعي ضرورت هجي، جهڙوڪ:
• شديد Dehydration
• مسلسل الٽيون يا دست، جڏهن مريض پي نه سگهي
• Shock يا تمام گهٽ بلڊ پريشر
• يا ٻيون اهڙيون حالتون، جتي ڊاڪٽر معائني کان پوءِ مناسب سمجهي.

غير ضروري IV fluids سان خاص طور تي دل، گردن يا جگر جي مريضن ۾ fluid overload، ڦڦڙن ۾ پاڻي، ساهه جي تڪليف ۽ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي ضرورت پيدا ٿي سگهي ٿي.

هر بوتل شفا ناهي.
ڪڏهن اها صحيح مريض لاءِ زندگي بچائيندڙ هوندي آهي، ۽ غلط مريض لاءِ نقصانڪار.

تنهنڪري علاج هميشه تشخيص جي بنياد تي ڪرايو، نه ته صرف "ڊرپ لڳائڻ" جي خواهش تي.

– ڊاڪٽر شوڪت گل رند
MBBS, MCPS (Family Medicine)

Day spent;doing what i loveTrying my bestHelping peopleHealing the body and soul not just illness
05/07/2026

Day spent;doing what i love
Trying my best
Helping people
Healing the body and soul not just illness

Address

Alghaffar Medical Center Near Khosa Masjid Langho Road Ubauro
Ubauro

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Dr Shoukat Gul Rind posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share