26/09/2026
هڪ ٻيو ڏينهن، هڪ ٻي او پي ڊي…
ميڊيسن منھنجي لاء ھڪ پيشو نہ بلڪہ عبادت وانگر آھي
جنھن لاء جيترو ٿي سگھي عبادت سمجھي ڪيان پيو
پر ڪڏھن ڪڏھن فرسٽيٽ ٿي پوندو آھيان جڏھن مريض ۽ ان جا رشتيدار ٻڌڻ بجائي پنھنجي من مستي ڪندا آھن
اسان جيڪا قسم کڻندا آھيون ان ۾ مريض جو نقصان نہ ڪرڻ ھڪ اھم جزو آھي جيڪو ھر ڏينھن گورنمنٽ او پي ڊي ۾ چيلنج ٿئي ٿو
ريسورس جو گھٽ ھجڻ مس مينيجمنٽ ۽ بيوروڪريٽڪ ڌٻاء کي ھڪ پاسي رکجي تہ مريض جو پنھنجي صحت بابت غير سنجيدہ رويو ٻئي پلڙي ۾ برابر ٿي بيھي ٿو
اھڙي غير سنجيدہ ماحول ۾ سنجيدہ ٿي ڪم ڪرڻ ھڪ وڏي ذھني جدوجھد آھي
پوسٽنگ کي لڳ ڀڳ 8 مھينہ ٿي چڪا آھن ان 8 مھينن ۾ ھر روز ھر مريض سان ساڳي مٿو ماري
ان جو نتيجو بہ نڪتو آھي ڀلي 5-6 % ئي صحيح پر ماڻھو سمجھيا آھن جيڪي پراپر فالو اپ بہ ڪرائين ٿا ۽ پراپر علاج بہ
پر اڪثريت اڄ بہ انھن جي ئي آھي جيڪي ھر بيماري جو علاج بس انجيڪشن ئي سمجھن ٿا
Dr Shoukat Gul Rind
MBBS MCPS (family medicine)